جده -08 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ منعقد اسلامي ملڪن جي تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فدان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن تازي جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون. ترڪ صدر جي تازي پاڪستان جي دوري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
جده -08 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ منعقد اسلامي ملڪن جي تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فدان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن تازي جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون. ترڪ صدر جي تازي پاڪستان جي دوري کي نظر ۾ رکندي هنن مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو.











