اسلام آباد-08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي پسند معاشري جو خواب ساڀيان نٿو ماڻي سگهي. ملڪي ترقيءَ لاءِ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن کي برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. اسپيڪر چيو ته اسلام عورتن کي برابريءَ جا حق، عزت ۽ احترام فراهم ڪري ٿو ۽ هر قسم جي صنفي اڻبرابري جي مخالفت ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته عورتن جي حقن بابت ناڪاري روين کي تبديل ڪيو وڃي ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي ملڪي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور مستحڪم بنائڻ لاءِ کين اقتصادي شعبن ۾ اڳتي آڻڻ ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ ضروري آهي. اسپيڪر ان عزم کي ورجايو ته عورتن کي سندن جائز مقام ڏيارڻ ۽ کين بااختيار بنائڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ عورتن جي نمايان موجودگي موجود آهي ۽ قانونسازي جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ موجود عورت پارلياماني ڪاڪس ۽ جينڊر مين اسٽريمنگ عورتن جي حقن بابت خاص ڪميٽي، عورتن جي سماجي ۽ سياسي بهتريءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ ۾ عورتن جي سياسي، سماجي خدمتن کي ساراهيندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي عورتن جي تعليم، صحت، روزگار ۽ بهتريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. اسپيڪر اهو پڻ چيو ته پاڪستان کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته شهيد بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين وزيراعظم چونڊي هئي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ ۽ حڪومت عورتن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻندي. اسپيڪر تحريڪ پاڪستان دوران عورتن جي شاندار ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪندي پاڪستان جي قيام ۽ ترقيءَ ۾ سندن تاريخي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن خاص ڪري فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان، بيگم جهان آرا شاهنواز ۽ بيگم شائسته اڪرام الله جي مثالي قيادت ۽ بي لوث قربانين جو ذڪر ڪيو، جن آزاديءَ جي جدوجهد جي راهه هموار ڪئي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نمايان مقام ٺاهيو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هوءَ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن پنهنجي والد قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پارٽيءَ کي منظم ڪيو ۽ پنهنجي شهادت تائين ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون.