اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪيبل آپريٽرز عوام کي معلوماتي ذريعن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڪيبل آپريٽرز جي مسئلن، انهن جي حل، ڪيبل انڊسٽري کي درپيش مالي ۽ قانوني مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيبل آپريٽرز خبرن، تعليمي پروگرامن، دستاويزي فلمن جي ذريعي ماڻهن تائين معلومات پهچائين ٿا. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي ڪيبل آپريٽرز کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير لاڳاپيل عملدارن کي ڪيبل آپريٽرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.