اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن جي بارز جي فلاح ۽ بهبود ۽ تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون جاري رکندي. اهڙو اظهار هن ڪي پي ڪي جي مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات دوران ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وائيس چيئرمين ڪي پي ڪي بار ڪائونسل احمد فاروق خٽڪ، ميمبر پاڪستان بار ڪائونسل امجد شاهه، سينيئر ايڊووڪيٽ ڪفايت الله جي اڳواڻيءَ ۾ وفدن ملاقات ڪئي. مختلف بارز جا سيڪريٽريز به ان موقعي تي موجدو هئا. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته ڪي پي ڪي صوبي جي بار ڪائونسل ۾ وڪيلن جي ڪمپيوٽرائيزڊ رجسٽريشن لاءِ وفاقي حڪمت طرفان ڀرپور فني ۽ مالي معاونت فراهم ڪئي ويندي. وڪيلن جي رجسٽريشن نادرا ذريعي ڪئي ويندي ۽ جلد کان جلد ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو. وڪيلن جي ڪمپيوٽرائزڊ رجسٽريشن ڪي پي ڪي بار جو پُراڻو مطالبو هو ۽ وقت جي ضرورت به آهي. ان موقعي تي وفاق طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. وفاقي وزير ان موقعي تي مختلف بارز جي نمائندن ۾ مالي مدد جي مد ۾ گرانٽ ان ايڊچيڪس به جاري ڪيا.