اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير قيصر احمد شيخ کي بورڊ آف نويسٽمينٽ جي ذميداري سونپي وئي آهي. ان کان اڳ وٽس سامونڊي معاملن واري وزارت جو قلمدان هو. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر محمد جنيد انور کي سامونڊي معاملن واري وزارت جون ذميداريون سونپيون ويون آهن. ڪابينه ڊويزن ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. محمد جنيد انور چوڌري قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 112 مان ميمبر چونڊيو هو.