راولپنڊي-06 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه سيد عاصم منير عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگرديءَ خلاف شيهي جي ڀِت بڻيل آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بنون ڇانوڻيءَ تي خوارجين جي حملي کي ناڪام بنائڻ کانپوءِ بنون جو دؤرو ڪيو، جتي آرمي چيف کي جاري آپريشنز، علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف سي ايم ايڇ بنون ۾ زخمي اهلڪارن جي طبيعت پُڇي. آرمي چيف اهلڪارن جي پُختي عزم حوصلي کي ساراهيو. هن جوانن جي بلند حوصلي ۽ ثابت قدميءَ جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج دهشتگرديءَ خلاف شيهي جي ڀِت طور پنهنجون خدمتون جاري رکندي، هٿياربند فوج عوام جي حفاظت يقيني بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي. آرمي چيف چيو ته شهرين کي بي رحماڻي طور نشانو بنائڻ خوارجين جي اصل عزم کي ظاهر ڪري ٿو، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قومي يڪجهتي ضروري آهي. آرمي چيف بزدلاڻي دهشتگرد حملي ۾ شهيد شهرين جي ڪٽنبن سان گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته واقعي ۾ ملوث ملزمن کي فوري طور جوانن منتقي انجام تائين پهچائي ڇڏيو هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته حملي جي منصوبي سازن ۽ مددگارن کي به جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.