اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل پاڻي منصوبن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪي پي ڪي ۾ پ پ جو پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ان موقعي تي موجود هو. ملاقات دوران چشما لفٽ ڪينال، گومل زام، ٽانڪ زام، شيخ حيدر زام، مهمند ڊيم ۽ داسو ڊيم جهڙن اهم منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. گورنر چشما لفٽ ڪينال منصوبي کي خصوصي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته ان منصوبي سان صوبي ۾ زرعي انقلاب ايندو. هن ان منصوبي جي جلد افتتاح کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته ان سان نه صرف زراعت کي هٿي ملندي پر لکين آبادگارن جون زندگيون بهتر ٿينديون. هن چشما لفٽ ڪينال منصوبي جي حوالي سان دلچسپي وٺڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، واپڊا جي وفاقي وزير ۽ چيئرمين واپڊا جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي گورنر ڪي پي ڪي ۾ سمال ڊيمز جي تعمير کي انتهائي اهم قرار ڏنو. هن چيو ته سمال ڊيمز جي تعمير سان صوبي ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، جنهن سان زرعي ترقي ۽ عوامي خوشحالي يقيني بنائي سگهجي ٿي. واپڊا چيئرمين گورنر کي انهن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته سمورن منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته انهن پاڻي منصوبن سان نه صرف پاڻيءَ جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو پر سستي بجلي جي پيداوار ۾ به واڌ ٿيندي، جيڪا صنعتي زرعي ترقيءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.