اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس فلسطين جي خراب ٿيندڙ صورتحال، اسرائيلي جارحيت، ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران ۽ فلسطينين کي انهن جي اباڻي وطن مان بي گهر ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي تجويزن جي پس منظر ۾ ٿي رهي آهي. نائب وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جي توثيق ڪندو.