اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت هڪ سال دوران عالمي قانوني تعاون، بدعنواني جي خاتمي جي ڪوششن ۽ قانون جي حڪمراني کي فعال طور تي هٿي ڏني آهي. سرڪاري دستاويزن موجب قانون واري وفاقي وزير قطر، بيلاروس، ايران جي انصاف ۽ عملدارن جي وزيرن ۽ ترڪيه، جاپان، يورپي يونين، آمريڪا، آسٽريليا، آذربائيجان، سوئيڊن ۽ گڏيل قومن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ قانوني سڌارن، گورننس ۽ انساني حقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دوحه ۾ او آءِ سي جي بدعنواني جي خاتمي واري وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت به ڪئي ۽ علائقائي قانوني تعاون جي توثيق ڪندي ايس سي او جي وزيرن واري اجلاس کي خطاب ڪيو. قانون واري وزارت چٽاڀيٽي قانون بابت وڪيلن کي تعليم ڏيڻ لاءِ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ايم او يوز تي صحيح ڪئي ۽ وڪيلن جي ڀلائي لاءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ هائوسنگ منسٽري سان گڏيل رابطا قائم ڪيا. اهڙيءَ طرح اقليتي حقن جي تحفظ جي باري ۾ لاڳو اقليتي حقوق فورم (آءِ ايم ايف ايف) ۽ ڪرسچن لائرز ايسوسيئيشن (سي ايل اي) سان به گڏيل لاڳاپا رهيا. وڪيلن حڪومت جي قانوني قدمن جي مسلسل تعريف ڪئي آهي ۽ ان کي قانون جي حڪمراني کي مضبوط بنائڻ، عدالتي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ انصاف تائين هڪجهڙي پهچ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم قرار ڏنو آهي. گذريل سال ٻارن جي اغوا تي هيگ ڪنوينشن تحت ڪيسن جي ڪامياب حل کانپوءِ آمريڪي سفارتخاني قانون واري وزارت کي تعريفي سَند سان نوازيو.