اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ حمايت کي تسليم ڪرڻ ۽ ساراهڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي پختي عزم ۽ اڻٿڪ وابستگي تي قائم آهيون، علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ آمريڪا سان حصيداري جاري رکنداسين. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃون ٿا جو هن خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو ۽ آءِ ايس ڪي پي جي آپريشنل ڪمانڊر شريف الله جيڪو افغانستان جو شهري ۽ هڪ گهربل دهشتگرد آهي جي پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران گرفتاري جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ دهشتگردن ۽ عسڪريت پسند گروپن کي محفوظ پناهگاهن جي فراهمي روڪڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پختي عزم تي قائم آهيون. دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي قيادت ۽ عوام جو اهو پختو عزم آهي ته پنهنجي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلايون. وزيراعظم چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ آمريڪا سان ويجهي حصيداري جاري رکنداسين.