اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مملڪتي وزيرن عبدالرحمان ڪانجو، طلال چوڌري ۽ خاص معاون هارون اختر جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کين وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم جا مٿن اعتماد ظاهر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.