اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي ناڪام حملي ۾ ملوث فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 5 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بنون ڇانوڻي حملي ۾ ملوث فتنه الخوارج جي سمورن 16 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن پنهنجي جان تي کيڏندي دهشتگردن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻايو ۽ ملڪ کي هڪ وڏي نقصان کان بچايو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي، پوري قوم هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.