اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، آذربائيجان ۽ ٻين ملڪن پاران پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ملڪي معيشت کي مضبوط ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته محمد نواز شريف جي اقتدار جي دور ۾ پاڪستان جي معيشت 24هين نمبر تي هئي. نائب وزيراعظم چيو ته جڏهن هنن حڪومت سنڀالي ته ملڪ جي معاشي حالتن جي ڪري اهو هڪ وڏو چئلينج هو پر ٺوس رخ ۽ معاشي پاليسي لاڳو ڪرڻ سان پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي وئي آهي، پاڪستان هاڻي سال 2025ع ۽ 2026ع جي مدي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو آهي. هن چيو ته 27 سالن جي وقفي کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۽ ڇوڪرين جي تعليم جهڙيون گهڻ رخيون عالمي ڪانفرنسون منعقد ٿيون. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ماضي ۾ هڪ پارٽي جي حڪومت پاران دهشتگردي کي تبديل ڪرڻ جي پاليسي سخت دهشتگردن جي واپسي کي ڏٺو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو ”عزم استحڪام“ جي ذريعي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪندا. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان يقين جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، آذربائيجان ۽ ٻين ملڪن پاران 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري پاڪستان جي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪندي. انم وقعي تي هن موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي خطرن تي پڻ روشني وڌي.