اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو، اجلاس 7 مارچ تي جده ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب اعليٰ سطحي اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيندا ته جيئن اهي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت، فلسطينين جي حقن جي خلاف ورزين ۽ انهن جي لڏپلاڻ جي مطالبن جي ڪري فلسطين ۾ خراب ٿيندڙ حالتن جي جواب ۾ گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن. بيان موجب پاڪستان فلسطين ڪاز جي مضبوط حامي جي طور تي ان مسئلي کي مختلف عالمي پليٽ فارمز تي مسلسل اجاگر ڪيو آهي. نائب وزيراعظم او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ۽ ان جي اصولي موقف تي زور ڏيندو. هو يروشلم سميت سمورن والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا جي وڪالت، فلسطينين کي وڌيڪ بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول تجويز جي مذمت ۽ فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جي بحالي بشمول انهن جي وطن واپس وڃڻ جي حق ۽ هڪ قابل عمل، متصل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي جو مطالبو ڪندو. نائب وزيراعظم جون او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي اهم ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.