نارووال -03 مارچ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏام پاڪستان پروگرام جو مقصد ملڪ کي ون ٽريلين جي اڪانومي بنائڻ آهي. هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ ترقيءَ جي شرح ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ ۾ واضح گهٽتائي موجوده حڪومت جي شاندار ڪارڪردگي جو چِٽو ثبوت آهي. تعليمي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙو اظهار هن نارووال ميڊيڪل ڪاليج ۾ وائٽ ڪوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي جامع پاليسين عيوض ملڪ معاشي ۽ سماجي استحڪام طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت جي جامع پاليسين عيوض ملڪ معاشي ۽ سماجي استحڪام جي منزل جي ويجهو آهي، سي پيڪ سميت قومي ترقيءَ جا منصوبا پاڪستان جي دشمنن کي هڪ لمحي لاءِ به نٿا وڻن. ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قوم جي حيثيت سان سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اُڏام پاڪستان جو مقصد آهي ته ملڪ کي ون ٽريلين جي اڪانومي بڻائي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت ۾ پاڪستان بحالي طرف وڃي رهيو آهي، بس ملڪ ۾ مثبت رويي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جڏهن به ملڪي ترقيءَ جي ڳالهه ٿيندي ته هميشه (ن) ليگ جو نالو ايندو. احسن اقبال چيو ته هڪ انجنيئر جي حيثيت سان نارووال ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي ٺهرائي، منهنجي ڏاڏي نارووال ۾ وٽرنري يونيورسٽي بڻائي هئي، 2018ع ۾ مون سان حادثو پيش آيو ۽ حڪومت به هلي وئي پر اسان عوامي خدمت جو سفر جاري رکيو. احسن اقبال چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ مون کي جيل ۾ وڌو ويو. هاڻ نارووال اسپورٽس سٽي ۾ سائوٿ ايشيا گيمز جا مقابلا ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن نارووال ميڊيڪل ڪاليج نه بڻجي ها ته ٻارن کي 2 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڊاڪٽر بڻجڻو پوي ٿي. تعليمي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته طب جي تعليم کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ نارووال ميڊيڪل ڪاليج ۾ مصنوعي ذهانت جو شعبو پڻ قائم ڪيو ويندو. ان کان اڳ تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جي خدمتن جي اعتراف ۾ پوليس جي چست جٿي کين سلامي پيش ڪئي. آخر ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ڪاليج جي استادن کي اعزاز شيلڊز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعزازي ڪيپس سان نوازيو.