اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ بجلي جي ٽيرف کي مناسب بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته آءِ پي پيز سان ڳالهيون آزاد، منصفاڻيون ۽ شفاف آهن. آءِ پي پيز وٽ ڳالهيون نه ڪرڻ يا ٽياڪڙي ۽ فرانزڪ آڊٽ جو آپشن آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن پاور سيڪٽر انٽرنيشنل ڊولپمينٽ پارٽنرز سان پاور سيڪٽر سڌارن جي حوالي سان رٿيل اجلاس دوران ڪيو. ترقياتي حصيدارن جي اڳواڻي ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير صارفين خاص ڪري صنعتن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي حوالي سان سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته انهن سڌارن سان پاور ڊويزن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، آءِ پي پيز سان ڳالهيون آزاد، منصفاڻيون ۽ شفاف آهن. آءِ پي پيز وٽ ڳالهيون نه ڪرڻ يا ٽياڪڙي ۽ فرانزڪ آڊٽ جو آپشن آهي. وفاقي وزير چيو ته سڌارن ۾ فرنس آئل تي ٻَڌل پلانٽس جو خاتمو ۽ ٻاهران گهرايل ڪوئلي کي مقامي ڪوئلي ۾ تبديل ڪرڻ شامل آهي. نيٽ ميٽرنگ جي ريشنلائزيشن به ڪئي ويندي. جنهن باقي صارفين تي واڌو بار نه پوندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سڌارن کي ساراهيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.