اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ هن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده گهري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي عرب جي سفير نائب وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي رمضان جي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم پڻ سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام کي رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ جي موقعي تي مبارڪباد ڏني.