اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ کنڊ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻ، کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان سخت قدم کڻڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث ڌرين خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته عوام کي کاڌي پيتي جون شيون رعائتي اگهن تي فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ کنڊ جي سپلاءِ ۽ قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گذريل مهينن ۾ حڪومت کنڊ جي اسمگلنگ تي سخت ڪارروائي ڪئي جنهن سان کنڊ جي اسمگلنگ جي خاتمي ۾ مدد ملي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي يقيني بڻائين. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس کي کنڊ جي پيداوار بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو اسٽاڪ موجود آهي. صوبائي سطح تي کنڊ جي رعائتي اگهه تي وڪري لاءِ فيئر پرائيز شاپس قائم ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته کنڊ جي اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا ۽ اسمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي چيف سيڪريٽريز اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته کنڊ جي غيرقانوني ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي. ان حوالي سان ضلعي انتظاميه ذميواري سان ڪم ڪندي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، احد چيمه، راڻا تنوير حسين، علي پرويز ملڪ سميت لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.