اسلام آباد-02 مارچ(اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ(ن) سان واسطو رکندڙ سينيٽر عرفان صديقي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ته حڪومت اپوزيشن اتحاد خلاف ثابت قدم رهندي ۽ اهم پارٽين جي جمهوري اصولن جي پاسداري ڪندي جڏهن ته پي ٽي آءِ کي ڏڦيڙ پکيڙڻ واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اپوزيشن اتحاد جي آجيان ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته اهم پارٽيون تخريبڪاري واري سياست جي حمايت نه ڪنديون. عرفان صديقي چيو ته جمهوريت سيٽ اپ ۾ رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا قدم رڪاوٽ جو سبب بڻجندا. هن جمهوري قدرن ۽ ثقافت کي برقرار رکڻ تي مولانا فضل الرحمان ۽ اچڪزئي جي تعريف ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن پيپلز پارٽي جي سياسي جدوجهد کي تسليم ڪندي پنهنجي اتحاد جي تصديق ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته پارٽي جي خدشن کي ترجيح ڏني ويندي. عرفان صديقي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ اهم مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِِ گڏجاڻيون منعقد ڪيون وينديون.