اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوري قوم سميت مسلم امت کي رمضان المبارڪ جون واڌايون ڏنيون آهن. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته سڀني مسلمانن کي رمضان المبارڪ جي آمد تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيان ٿو. رمضان جو مقدس مهينو اسان کي تقويٰ، صبر ۽ برداشت سيکاري ٿو. اچو ته رمضان ۾ صبر، برداشت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيون ۽ غريبن، مسڪينن جي مدد ڪيون، عبادت سان گڏ قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيون. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪرڻ هڪ وڏي عبادت آهي، ناجائز منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي کان پاسو ڪيون ته جيئن رمضان جون برڪتون سهيڙي سگهون. روزو انسانيت جي خدمت ۽ الله تعاليٰ جي قربت حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪري ئي الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي، ته رمضان المبارڪ اسان سڀني لاءِ رحمت جو سبب بڻجي.