اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته رمضان المبارڪ اسان سڀني لاءِ رحمت جو سبب، مغفرت ۽ بخشش ثابت ٿئي، رمضان المبارڪ الله تعاليٰ جو عظيم تحفو ۽ برڪتن، مغفرت ۽ رحمت جو مهينو آهي. رمضان المبارڪ جو اصل پيغام، صبر، تحمل، اتحاد ۽ معاشرتي ڀلائي کي هٿي ڏيڻ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي شروعات تي پوري قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته رمضان المبارڪ الله تعاليٰ جو عظيم تحفو ۽ برڪتن، مغفرت ۽ رحمت جو مهينو آهي، جيڪو اسان کي شڪر، ايثار ۽ قرباني جو درست ڏئي ٿو. هن مقدس مهيني ۾ الله تعاليٰ پنهنجي رحمتن جا دروازا کولي ڇڏي ٿو، گناهن جي معافي جو موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ اسان پنهنجي بندن کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي روش اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو.