اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڊينمارڪ وچ ۾ پراڻي دوستي کي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪالهه پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي وٺائڻ ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي تيز ڪرڻ جا طريقا تلاش ڪيا. 26-2025ع لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان هن گڏيل مفادن، امن ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻ رخي پليٽ فارم تي تعاون ڪرڻ جو عهد ڪيو.