اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان تاشقمند فارما پارڪ جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ دواسازي جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو. ان سان گڏوگڏ ازبڪستان جو سيڙپڪاري، صنعتن ۽ واپار وارو وزير لازيز قدرت اوف ۽ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسلر عطاالله به موجود هئا. وفد جو استقبال فارما ايجنسي ازبڪستان جي چيئرمين عبدالله عزيزوف ڪئي، جنهن پارڪ جي تاريخ، ڪاميابين ۽ دواسازي جي صنعتن کي فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. واپار واري وفاقي وزير پارڪ جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ ان جي جديد انفراسٽرڪچر ۽ تحقيقي صلاحيتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان تاشقند فارما پارڪ ۽ پاڪستاني طبي تعليمي ادارن ۽ هربل ميڊيسن انڊسٽري وچ ۾ تعاون جي وسيع موقعن تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت ۽ دواسازي جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي ته جيئن تحقيق، پيداوار ۽ واپار کي هٿي ڏئي سگهجي. واپار واري وفاقي وزير پارڪ ۾ موجود جديد ويئر هائوس جي سهولتن جو به معائنو ڪيو ۽ اتي موجود ذخيره اندوزي ۽ لاجسٽڪ سهولتن جو جائزو ورتو. هي دورو پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري خاص طور تي دواسازي کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي آهي.