اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.