لاهور – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ملڪ جي دفاع جي اڻٿڪ عزم تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.