اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگري جي دؤري دوران هنگري جي صدر تماس سليوڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هنگري جي صدر پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ساراهه ڪئي. اسپيڪر، هنگري جي صدر سان ملاقات دوران چيو ته پاڪستان پنهنجي اصولي ۽ غير جانبدار پرڏيهي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي. اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ هنگريءَ جي دؤري تي آهي. دؤري جو مقصد ٻه طرفن لاڳاپن کي مستحڪم بنائڻ، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. اسپيڪر ۽ پاڪستان جي پارلياماني وفد جو هنگري جي تاريخي صدارتي محل سينڊور پيلس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ملاقات دوران اسپيڪر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊن ۾ هنگري طرفان پاڪستان جي حمايت تي ٿورو مڃيو ۽ ان حمايت کي هنگري طرفان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي غير جانبدار ۽ متوازن هئڻ جو اعتراف قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته هنگري جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊن ۾ پاڪستان جي حمايت ٻنهي ملڪن جي مضبوط ٻن طرفن لاڳاپن جي عڪاسي آهي. اياز صادق عالمي معاملن تي هنگريءَ جي آزاداڻي مؤقف کي ساراهيو. هن قومي مفادن جي تحفظ ۾ هنگري جي قيادت جي دانشمنديءَ کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو ۽ صدر تماس سليوڪ جي غير جانبداريءَ تي ٻَڌل مؤقف جي تعريف ڪئي. هن چيو ته هنگري جو غير جانبدار مؤقف عالمي تڪرارن کي روڪڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائڻ ۾ مُک حيثيت رکي ٿو. عالمي معاملن تي ڳالهين دوران اياز صادق ڊگهي عرصي کان جاري افغان بحران طرف توجهه ڇِڪرائيندي چيو ته گذريل 4 ڏهاڪن کان پاڪستان 4.6 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ڊگهي مُدي جي علائقائي استحڪام جي نتيجن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. هن عالمي پارلياماني برادريءَ جي ذميدارن تي زور ڀريو ته هو ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي خواهشن موجب ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي پُرامن حل ۾ ڪردار ادا ڪري. ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جنگ کانپوءِ يورپ جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ يوڪرين جنگ جي جلد پُرامن حل جي خواهش جو اظهار ڪيو. اسپيڪر هنگريءَ طرفان پاڪستاني شاگردن لاءِ ساليانو 500 اسڪالرشپس جي فراهمي جي قدمن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ان وقت 1500 کان وڌيڪ شاگرد هنگريءَ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن عيوض ٻه طرفه ناتا ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن هنگريءَ سان حصيداريءَ کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. اسپيڪر هنگري جي چين سان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو ۾ شموليت جي فيصلي کي ساراهيو جيڪو يورپ ۾ واحد ملڪ آهي جنهن ان ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن عالمي خوشحاليءَ لاءِ ڪنيڪٽويٽي جي اهميت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڪردار، خاص طور تي گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪو يورپ، چين ۽ وچ ايشيا وچ ۾ مُک واپاري رستو فراهم ڪري ٿو. هن واپار، بنيادي ڍانچي جي ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. هن پاڪستان جي جمهوري ۽ معاشي ترقيءَ جي اعتراف تي هنگري جي تعريف ڪئي ۽ زراعت، انفراسٽرڪچر، ريلوي، پاڻي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. صدر تماس سليوڪ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي مؤقف ۽ پرڏيهي پاليسيءَ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پنهنجي اصولي ۽ غير جانبدار مؤقف تي سمجهوتو نٿو ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا کي جنگ ۽ تڪرارن کان بچائڻ لاءِ غير جانبداري مُک حيثيت رکي ٿي. صدر زراعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي، ريلوي کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڻي تحفظ جهڙن اهم شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ معاشي بهتري جي هاڻوڪن قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.