اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروباري برادري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ آسان پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي جتي ون ونڊو آپريشن تحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان هڪ وڏو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان گذريل هڪ سال دوران معاملا تيزي سان اڳتي وڌيا آهن، ملڪ جي واڌويجهه جي شرح کي روانگي واپار جي ذريعي وڌائڻ ئي بهترين رستو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليوارن صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صنعت ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪاروباري برادري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي فراهمي جي حوالي سان ڪوششون ڪري رهي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ آسان پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي جتي ون ونڊو آپريشن تحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان هڪ وڏو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، فيس ليس ڪسٽم اسيسمنٽ سسٽم جي ذريعي شفافيت کي فروغ مليو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومتجي معاشي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالتن ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي جڏهن ته ميڪرو اڪنامڪ سطح تي بهتري آڻڻ جي لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ته جيئن معاشي بهتري جا ثمر عوام تائين پهچي سگهن، حڪومت جي ڪوشش آهي ته پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪيو وڃي، ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان گذريل هڪ سال دوران معاملا تيزي سان اڳتي وڌيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان حڪومت جي ترجيح اهڙا شعبا آهن جن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي، آذربائيجان ۽ ازبڪستان جي دورن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي معاهدن ي صحيحون ٿيون آهن جيڪو ٻاهرئين سيڙپڪار جو پاڪستان جي معيشت ۾ اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي واڌويجهه جي شرح کي روانگي واپار جي ذريعي وڌائڻ ئي بهترين رستو آهي. وزيراعظم ملڪ جي واڌويجهه جي شرح ۾ پائيدار بهتري جي حوالي سان ڪاروباري شخصيتن ۽ صنعتڪارن کان تجويزون گهري ورتيون. وزيراعظم ان حوالي سان ڪاروباري شخصيتن، صنعتڪارن ۽ حڪومتي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اها ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر پائيدار واڌويجهه جي شرح حاصل ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت کي تجويزون ڏيندي. وفد حڪومتي معاشي پاليسين ۽ معاشي انگن اکرن ۾ بهتري کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين حڪومتي ادارن پاران اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان موثر قدمن کي ساراهيو. وفد ڪسٽم اسيسمنٽ سسٽم جو نظام متعارف ڪرائڻ تي حڪومت کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن حڪومتي پرائيويٽائيزيشن ۽ ڊي ريگيوليشن پاليسي کي ساراهيو. ملاقات ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.