اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي شعبي ۾ تعاون کي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي خلائي تحقيق جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان آهي. اها ڳالهه هن وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي تحقيق ۾ تعاون جي ٺاهه جي دستاويز جي مٽاسٽا واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پهرين مينڊ اسپيس مشن جي حوالي سان چين جي اسپيس ايجنسي ۽ اسپارڪو جي وچ ۾ معاهدو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي چين جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ اسپارڪو جا قدم ساراهه جوڳا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي شعبي ۾ تعاون قابل فخر آهي، خلائي تحقيق ۾ تعاون سان چين جا خلاباز پاڪستاني خلابازن کي تربيت ڏيندا. انشاءَ الله هڪ سال جي مدي ۾ پاڪستاني خلاباز چائنيز اسپيس اسٽيشن ۾ سفر ڪري سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي خلائي تحقيق جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان آهي. انشاءَ الله پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊو خلا ۾ پڻ ويندو. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي اسان پنهنجي چيني دوستن جا ٿورائتا آهيون.