اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ڌماڪي ۾ جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا حامد الحق جي شهادت ۽ ٻئي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.