اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آئرلينڊ جي سفير ميري اونيل ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، پارلياماني رابطن، تعليم، ثقافتي مٽاسٽا ۽ ماحوليات جي قدم تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب آئرلينڊ جي سفير سان ڳالهائيندي چيئرمين چيو ته پاڪستان آئرلينڊ سان پارلياماني، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ آئرلينڊ جا ناتا گڏيل جمهوري قدرن، عوامي رابطن ۽ گهڻ رُخي تعاون تي ٻَڌل آهن. پاڪستان ۽ آئرلينڊ عالمي امن، انساني امداد ۽ پائيدار ترقيءَ جو گڏيل مقصد رکن ٿا. آئرلينڊ جون عالمي امن انساني امداد ۽ پائيدار ترقيءَ ۾ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين ملاقات ۾ پنهنجي هاڻوڪي آئرلينڊ جي دؤري جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو آهي. هن پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ بجيٽ ۽ مالياتي پاليسين تي فني تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي، زراعت، تجديد جوڳي توانائي ۽ دواسازي جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي تعاون، شاگردن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيقي منصوبن کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل تحقيق ۽ تعليمي وظيفن ۾ واڌ وقت جي ضرورت آهي. ايس آءِ ايف سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن سان سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي هٿي ملندي. موسمياتي تبديلي، زرعي توانائي ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خصوصي پروگرامن جو بندوست وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين آئرلينڊ جي پارلياماني وفد کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻه طرفي پارلياماني رابطن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ٻنهي ملڪن جي پارليامانن ۾ فرينڊشپ گروپ جي قيام سان عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ ملندي. پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ اداره جاتي ترقيءَ ۾ گڏيل صلاح مشورا اڻٽر آهن. آئرلينڊ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستاني وفد جي آئرلينڊ جي دؤري سان بجيٽ جي شفافيت ۽ مالياتي نگراني جي حوالي سان اهم ڄاڻ حاصل ٿي. سفير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو. سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورن امڪاني شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.