اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر خودڪش حملي ۾ نمازين کي نشانو بڻائڻ جي مڪروهه فعل جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته بيگناهه نمازين کي نشانو بڻائڻ ڪڌو عمل آهي. صدر چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن واقعي ۾ مارجي ويلن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.