اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي ڳولڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 24 کان 25 فيبروري تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪيو. هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن سان پڄاڻي تي پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته صدر شوڪت مرزايوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 فيبروري تائين جمهوريه ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، دوري ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن واپار، رابطي، ثقافت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا جهڙن مختلف شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ بابت پنهنجي موقف جي حصيداري ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد موجب ٽرانس افغان ريلوي ۽ واپاري لنگهن جي ذريعي علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.