اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ابوظهبي جي ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان 27 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ابوظهبي جي ولي عهد جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هو، ساڻس گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هو جنهن ۾ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن کانسواءِ ناليوارا ڪاروباري اڳواڻ پڻ شامل هئا. ترجمان چيو ته دوري دوران بئنڪنگ، ريلوي،کاڻين جي کوٽائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي شعبن ۾ مفاهمت جي 5 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.