اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ نئين 28 وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونين جا جدا جدا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم جي ايڊوائيس تي صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، علي پرويز ملڪ، اورنگزيب خان کچي، خالد حسين مگسي، محمد حنيف عباسي، محمد معين وٽو، محمد جنيد انور، محمد رضا حيات هراج، سردار محمد يوسف، شزه فاطمه خواجه، راڻا مبشر اقبال ۽ سيد مصطفيٰ ڪمال کي وفاقي وزير، ملڪ رشيد احمد خان، عبدالرحمان خان ڪانجو، عقيل ملڪ، بلال اظهر ڪياني، کيئل داس، محمد عون ثقلين، مختار احمد ملڪ، طلال چوڌري ۽ وجيهه قمر کي مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. علي پرويز ملڪ ۽ شزه فاطمه خواجه جي وفاقي وزير بڻجڻ کانپوءِ مملڪتي وزير جو عهدو خالي قرار ڏنو ويو آهي. هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي صدر آصف علي زرداري سيد توقير حسين شاهه، محمد علي ۽ پرويز خٽڪ کي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي هارون اختر، حضفه رحمان، مبارڪ زيب ۽ طلحيٰ برقي کي وزيراعظم جو خاص معاون مقرر ڪري ڇڏيو آهي.