اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ازبڪ جي شهر المليڪ ۾ المليڪ مائننگ اينڊ ميٽالرجيڪل ڪامپليڪس جو دؤرو ڪيو، جيڪو ملڪ ۾ ٽامي جي پيداوار جو هڪ وڏو مرڪز آهي. جاري ڪيل بيان موجب ان دؤري جو مقصد پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ کاڻين جي کوٽائيءَ جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير دؤري دوران مائنز، ڪنسٽريشن سيڪشن ۽ اسملٽر سميت ڪامپليڪس جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. وفاقي وزير جو ازبڪستان جي مائينگ ۽ جيولوجي واري وفاقي بوبيرفرهود ويچ اسلاموف ۽ المليڪ ڪامپليڪس جي چيئرمين عبدالله خورسانوف استقبال ڪيو. ان موقعي تي سيڙپڪاريءَ وارو وفاقي وزير عبدالعليم ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري مومن آغا به ساڻس گڏ هئا. ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزير لازيز قدرتوف ۽ بوبير فرهودو ويچ اسلاموف به ملاقات ۾ شريڪ ٿيا. دؤري دوران وزيرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاپر مائننگ جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اسان ازبڪستان سان ڪاپر ۾ حصيداري جا موقعا تلاش ڪري رهيا آهيون. هي دؤرو وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد جي سرڪاري دؤري جو حصو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ اقتصادي ۽ صنعتي ناتن کي هٿي ڏيڻ آهي.