سنگاپور-27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر پنهنجي ٻن ڏينهن جي نجي دؤري دوران سنگاپور ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪاروباري برادريءَ سان ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن ملاقات جو مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سيڙپڪارن سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. ان موقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاڪستان ۾ موجود بي پناهه سيڙپڪاريءَ جي موقعن خاص ڪري بلوچستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ واري شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪيو آهي ۽ پاڪستاني معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. هن پاڪستاني ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان ۾ وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جو مشورو ڏنو ۽ کين خاطري ڪرائي ته ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال مستحڪم آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي عالمي ڪمپنيون اڳ ئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. سيدال خان پاڪستاني ڪاروباري ڌُرين طرفان سوشل ميڊيا قانونن بابت اُٿاريل خدشن جا پڻ جواب ڏنا. هن وضاحت ڪئي ته اهو قانون ماڻهن جي پرائيوسي جي تحفظ ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ کان روڪڻ لاءِ جوڙيو ويو.