اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جي وڌيڪ 21 ميمبرن حلف کڻي ورتو. صدر آصف علي زرداري ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ نئين ميمبرن کان حلف ورتو. ايوان صدر ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ ميمبرن جي حلف برداري جي تقريب ٿي. صدر پهرين مرحلي ۾ 12 وفاقي وزيرن کان حلف ورتو. وفاقي وزيرن ۾ سردار محمد يوسف، محمد حنيف عباسي، معين وٽو، مصطفيٰ ڪمال، اورنگزيب کچي، راڻا مبشر، رضا حيات هراج، طارق فضل چوڌري، علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه، جنيد انور ۽ خالد مگسي شامل آهن.
صدر ٻئي مرحلي ۾ 9 مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. مملڪتي وزيرن ۾ کيئل داس ڪوهستاني، طلال چوڌري، بئريسٽر عقيل ملڪ، ملڪ رشيد، ، عبدالرحمان ڪانجو، بلال اظهر ڪياني، مختار ڀرٿ، عون چوڌري ۽ وجيهه قمر شامل آهن. حلف برداري جي تقريب ۾ وفاقي وزيرن ۽ نئين وزيرن جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي.