اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جي ذريعي پنهنجي بهترين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ابوظهبي جي ولي عهد ۽ ابوظهبي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي چيئرمين شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان جو استقبال ڪرڻ تي فخر آهي. ملاقات دوران اسان انتهائي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي تعاون ۾ اضافي جي ذريعي پنهنجي بهترين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي حوصلا افزائي ۽ حمايت سان پاڪستان ۽ يو اي اي جا لاڳاپا ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن.