اسلام آباد-27 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عورتون زراعت سميت مختلف ترقياتي شعبن ۾ اڳواڻي ڪري رهيون آهن. عورتن جو ڪردار موسمياتي تبديلين جي حل لاءِ ضروري آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته موسمياتي تبديلين جو مسئلو عورتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي . هن چيو ته عورتن کي اڪثر ضروري وسيلا جن ۾ فيصلا سازي جا پليٽ فارمز ۽ ٽيڪنالوجي تائين پهچ نه هجڻ جهڙا مسئلا آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ماحولياتي مسئلو آهي جيڪو هڪ سماجي چيلينج جي حيثيت رکي ٿو جيڪو خاص طور تي ڪمزور ۽ پٺ تي پيل عورتن تي اثر انداز ٿئي ٿو. هن چيو ته انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن کي پاليسي سازي ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو. سيمينار جي ميزباني سينٽر آف پاڪستان اينڊ انٽرنيشنل رليشنز ڪئي. جڏهن ته سيمينار ۾ پاليسي سازن، موسمياتي ماهرن ،شاگردن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.