اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي ) ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويل پاڪستانين جا ميت ملڪ پهچي ويا آهن. هائوسنگ اينڊ ورڪس جي وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده اسلام آباد ايئر پورٽ تي مڙهه وصول ڪيا. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرازده اسلام آباد ايئر پورٽ تي ميت وصول ڪيا. ان موقعي تي هن چيو ته 5 فيبروري تي پيش آيل واقعي ملڪ جي ڪيترن خاندانن کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هن هر متاثر ڪٽنب سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو انهن برابر سان گڏ آهي جڏهن ته حڪومت پڻ متاثر ڪٽنبن سان هر ممڪن سطح تي گڏ آهي. اسان سمورا ضروري انتظام ڪيا آهن ته جيئن ميتون سندن وارثن تائين پهچائي سگهجن. رياض حسين پيرزاده چيو ته باقي ميت به جلد ملڪ آندا ويندا ۽ زنده بچي ويل 37 پاڪستانين جي واپسي لاءِ به ڪوشش جاري آهي. هن چيو ته ان قسم جا حادثا سبق سيکارين ٿا ته غير قانوني ذريعن سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪيتري خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. هائوسنگ واري وزير نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو اهڙا خطرناڪ رستا اختيار نه ڪن ۽ قانوني طريقي ذريعي ئي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪن. هوائي اڏي تي فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن جي سهولت لاءِ ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته فوت ٿي ويل ماڻهن جا ميت پشاور کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولنسز جو بندوبست پُڻ ڪيو ويو آهي. ڇهن ميتن ۾ مصور حسين ولد شير مهدي ضلع ڪرم، شعيب علي ولد محمد ضلع ڪرم، محمد علي شاهه ولد عبدالله شاهه اورڪزئي، عابد حسين ولد محمد حسن، موصاب حسين ولد جميل حسين ۽ شعيب حسين ولد نور علي ضلع ڪرم شامل آهن.