اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر پاڪستان مقدس فاطمه بنام مبشر مختار جي ڪيس ۾ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب (فوسپاه) جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. صدر پاڪستان جو اهو فيصلو پاڪستان ۾ عورتن جي لاءِ محفوظ ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ڪم جو ماحول يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوسپاه جي عزم جي تصديق ڪري ٿو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اهو ڪيس وزيراعظم جي يوٿ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام دوران پيش آيل واقعي بابت هو، جتي جوابدار مبشر مختار کي ڪم ڪار جي جاءِ تي هراسمينٽ ۽ صنفي فرق جو مرتڪب ڏٺو ويو. تفصيلي جاچ کانپوءِ فوسپاه جوابدار تي معمولي سزائون هنيون، جن ۾ ٽن سالن جي لاءِ انڪريمنٽ روڪڻ ۽ فريادي کي هراسمينٽ جي خلاف تحفظ جي قانون 2010ع تحت هڪ لک رپيا بطور هرجاڻو ادا ڪرڻ شامل هو. فوسپاه جي فيصلي کي چئلينج ڪندي جوابدار صدر پاڪستان آڏو نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي، ته جيئن هنيل سزائن کي ڪالعدم قرار ڏئي سگجي. جڏهن ته تفصيلي جائزي ۽ ٻنهي ڌرين جي موقف کي ٻڌڻ کانپوءِ صدر پاڪستان اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جوابدار پاران واقعي جي مڪمل ترديد حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش هئي. ان فيصلي وفاقي محتسب فوزيه وقار جي حڪم کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. فوسپاه پنهنجي مشن تي ثابت قدم آهي ته ملازمن خاص طور تي عورتن کي ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ کان محفوظ رکيو وڃي ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اهو فيصلو انصاف قائم ڪرڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ واضح پيغام ڏي ٿو ته ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جي ڪنهن به فعل جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.