اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي دعوت تي 25 کان 26 فيبروري تائين جمهوريه ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهري تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. دوري دوران ٻنهي ملڪن واپار، رابطن، ثقافت ۽ عوامي مٽاسٽا جهڙن مختلف شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ بابت پنهنجي موقف جي حصيداري ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۾خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد موجب ٽرانس افغان ريلوي ۽ واپاري لنگهن ذريعي علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم 25 فيبروري تي تاشقند ۾ پاڪستان ازبڪستان بزنس فورم کي به خطاب ڪيو. جنهن سيڙپڪاري جا موقعا ممڪن گڏيل منصوبن کي ڳولڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ناليواري ڪاروباري اڳواڻن کي گڏ ڪيو. بيان موجب گذريل سالن دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا اعليٰ سطحي رابطن، اقتصادي حصيداري ۾ اضافي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي تعاون سان مضبوط ٿيا آهن. هي دورو ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن سان پڄاڻي تي پهتو. جنهن جو مقصد گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ آهي. وزيراعظم جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو.