اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آئون پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي سال ان جي لاءِ سٺي صحت، خوشي ۽ ترڪيه جي عظيم ماڻهنجي خدمت ۾ مسلسل ڪاميابيون آڻي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي مضبوط ۽ تاريخي رشتن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ترڪيه جي صدر جي پاڪستان جي تازي دوري اسان جي پائيدار حصيداري ۾ نئين قوت پيدا ڪئي آهي ڇو ته اسان انهن لاڳاپن کي خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون ۾ اضافي جي ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.