اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته ملڪ جي سوشل انٽر پرزائزز ايڪو سسٽم جو مستقبل ڊگهي مُدي واري تبديلي ۽ نواڻ لاءِ پائيدار سيڙپڪاريءَ ۾ لِڪل آهي. پاڪستان پنهنجي نوجوانن کي ملڪ جي پاليسي سازيءَ جي عمل ۾ فعال طور تي شامل ڪري کين بااختيار بنائڻ طرف هڪ اهم قدم کنيو آهي. هو سوشل انوويشن اڪيڊمي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ هٿي وٺندڙ انٽر پرائزز ايڪو سسٽم جي تعميل تي پهرين عالمي سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته افتتاحي عالمي سربراهي اجلاس هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، اسان سعودي عرب ۽ ٿائلينڊ جي معزز سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته هي بيمثال اجتماع سيڙپڪارن ۽ سماجي انٽر پرزائزز ايڪو سسٽم وچ ۾ فرق کي ختم ڪندو، خيالن ۽ موقعن جي متحرڪ مٽاسٽا کي هٿي ڏيندو. رانا مشهود احمد خان چيو ته هي پهرين عالمي سربراهي ڪانفرنس آهي، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ ٿائلينڊ جي سمورن سيڙپڪارن اسان سان ڀائيواري ڪئي آهي، اهي سيڙپڪار ۽ سماجي سرپرائزز ايڪو سسٽم وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته سوشل انوويشن اڪيڊمي ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام وچ ۾ ڀائيواري ان ڪانفرنس کي هڪ متحرڪ پليٽ فارم جي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڪيڊميا، ايڪو سسٽم، ڀائيوارن، ڌُرين، سيڙپڪارن ۽ پاليسي سازن کي هڪ ڇِت هيٺان گڏ ڪرڻ سان، ڪانفرنس سهڪار، نواڻ ۽ سماجي اثرن لاءِ هڪ منفرد ماحول کي هٿي ڏئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اهو اسٽريٽجڪ قدم نه صرف پاڪستان ۾ سماجي ڪاروباري ثقافت کي جوڙي ٿو پر ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي ٿو ته ملڪ جي مستقبل جي رهنما هاڪاري تبديلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سٺي طرح سان جديد ٽيڪنالاجي سان سينگاريل هجي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته پاڪستان هڪ اهم مرحلي تي آهي، هاڻي سماجي اثرن جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ملڪ جي نقطهءِ نظر ۾ هڪ اهم تبديليءَ جو اشارو آهن.