اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ماحولياتي تبديليءَ خلاف اثرائتي پاليسي سازي لاءِ عالمي معيار کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ موسمياتي مزاحمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيز ٿري جهڙيون ڪوششون تعريف لائق آهن، پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي ۽ جرمن ريڊ ڪراس جي ڀائيواريءَ سان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن هتي ڪلائمينٽ ايڊووڪيسي جي حوالي سان هلال احمر جي فيز ٿري لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 22ع جي ٻوڏ ۽ شديد گرميءَ جي لهر جهڙن خطرن کي نظر ۾ رکندي فوري قدمن جي ضرورت آهي. هن ڪميونٽيءَ سطح تي ماحولياتي مزاحمت وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڪلائمينٽ ايڊووڪيسي فيز ٿري تحت ڪميونٽيءَ تي ٻَڌل ۽ سائنسي بنيادن تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جرمن ريڊ ڪراس جي معاونت سان مقامي سطح تي ماحولياتي سگهه وڌائڻ جو منصوبو آهي. ماحولياتي تبديلي خلاف اثرائتي پاليسي سازيءَ لاءِ عالمي معيار کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. رومينه خورشيد عالم ماحولياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو ۽ موسمياتي تبديليءَ جي حل لاءِ سرڪاري ۽ نجي ڀائيواريءَ کي مستحڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.