راولپنڊي -26 فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جرمني جي سفير الفريڊ گراناس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جي ڪوششن سميت گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ دفاع واري وفاقي وزير سان جمهوريه ڪرغزستان جي سفير آواز بيڪ عطا خانو ملاقات ڪئي. دفاع واري وزير سندس آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان دوستي وارن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي فريم ورڪ اندر ڪرغزستان سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺائيندو رهندو. ڪرغز سفير پاڪستان جي حمايت ۽ سهڪار کي ساراهيو. هن پاڪستان جي دفاعي صنعتن ۽ ان جي مصنوعات جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي ٻه طرفي ڪو آرڊينيشن لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.