اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خال چين جي سفارتخاني جو دؤرو ڪيو ۽ چيني ناظم الامور ۽ قونصلر سان ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي چيئرمين کي چين جي سفارتخاني رات جي ماني تي مدعو ڪيو هو. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين، قونصلر سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊپٽي چيئرمين چيني سفارتڪارن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي جي ترقيءَ جو گڏيل ويزن رکن ٿا. پاڪ- چين دوستي جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ هر ڏُکئي وقت ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هر پاڪستانيءَ کي ٻنهي ملڪن جي دوستيءَ تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون. اعليٰ سطح تي قيادت وچ ۾ مثالي ناتا آهن، عوامي سطح تي رابطن جي استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سي پيڪ، پاڪ چين دوستي جو هڪ عظيم مثال بڻجي چڪو آهي. سي پيڪ تحت منصوبن سان پاڪستان ۽ خطي ۾ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ملندي. سي پيڪ خطي ۾ اقتصادي سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان رٿا عيوض خطي جي رابطا ڪاري کي وڌيڪ هٿي ملندي. بلوچستان ۾ جاري رٿائن سان بيروزگاري ۽ پٺتي پيل طبقن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڊپٽي چيئرمين چين جي سفارتخاني جي ناظم الامور ۽ سموري ٽيم جو خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو. ڊپٽي چيئرمين واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي اهم قرار ڏيندي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ تي به زور ڀريو.