تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري تاشقند کان اسلام آباد روانو ٿي ويو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله عاريپوف، ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، تاشقند جي ميئر شوڪت عمرزاڪوف، ازبڪستان جي پاڪستان ۾ سفير علي شير تختائيف ۽ پاڪستان جي ازبڪستان ۾ سفير احمد فاروق سميت اعليٰ سفارتي ۽ سرڪاري اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. تاشقند هوائي اڏي تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪرڻ جي لاءِ ازبڪ هٿياربند فوج جو دستو پڻ موجود هو. وزيراعظم ازبڪستان ۾ يادگار آزادي جو دورو ڪيو ۽ گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم ازبڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ صدر شوڪت مرزايوف جي ازبڪستان جي ترقي جي ويزن کي ساراهيو. وزيراعظم جي پنهنجي دوري دوران ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف سان ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 2 ارب ڊالر تائين پهچائڻ، علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي تي عملدرآمد تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي پڻ مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي وڌيڪ فروغ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد صدر شوڪت مرزايوف پاران مانجهاندي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.