تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، توانائي، علائقائي رابطي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۽ ايندڙ چار سالن ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ڪندي ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي وچ ۾ تاشقند ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون خاص طور تي واپار، سياحت، توانائي، علائقائي رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 33 سالن دوران گڏيل تعاون تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ چار سالن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر تائين پهچائڻ، ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (2021ع)، ترجيحي واپاري معاهدي (2023ع) تي موثر عملدرآمد، ٻنهي ملڪن جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطي جي فروغ جي لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ان منصوبي تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياحت جي فروغ خاص طور تي ترميز، بخارا، لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ان حوالي سان تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي گڏيل خيالن جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن جي ڪردار کي پائيدار ترقي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا کولڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان پاران علائقائي رابطن جي شعبي ۾ گڏيل منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي ٻنهي ملڪن ۽ پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فائديمند قرار ڏنو.

ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ازبڪ صدر چيو ته خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جو گڏيل تعاون اهميت رکندڙ آهي. صدر مرزايوف پاڪستان ۾ حڪومت جي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ازبڪستان پاڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي حصيداري کي نئين بلندين تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر مرزايوف جي ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان پاران واپار، سياحت، توانائي، تعليم، ثقافت، علائقائي رابطن ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان موجوده صلاحيت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي وفدن گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو.