تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان دفاع، ٽيڪنالاجي، ٽيڪنيڪي تربيت، ميڊيا ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
انهن دستاويزن تي شوڪت مرزايوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٻن ڏينهن جي ازبڪستان جي دوري دوران صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي ٻطرفي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر شوڪت مرزايوف صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻنهي طرفن جي عملدارن مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي اڳ کان صحيحون ٿيل دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا فري سفر، ملٽري انٽيليجنس، داخلي معاملن، پيشيواراڻي ۽ ٽيڪنيڪي تربيت ۽ سفارتڪارن جي تربيت جي شعبن ۾ معاهدن جي دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. سائنسي تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ ٻئي بين الحڪومتي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ازبڪ نائب وزيراعظم خدجايف جمشيد دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ازبڪستان جي نيشنل انفارميشن ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪوچيموف عبدالسعيد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خبرن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ازبڪ اطلاعات واري ايجنسي (يو زيڊ اي) جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي جي دستاويز جي مٽاسٽا ڪئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ تاشقند جي ميئر شوڪت عمر زاڪوف برانووچ لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ مفاهمت جي دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي جڏهن ته لاهور ۽ بخارا جي وچ ۾ بطور جاڙا شهر لاڳاپن بابت مفاهمتي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ازبڪ جي يوٿ افيئر ايجنسي جي ڊائريڪٽر سعداللائيف عليشير وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ازبڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ نوجوانن جي معاملن بابت ايم او يو جي دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اڳوڻي وزيراعظم جي دوري جي نتيجن ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي قيام جي پروٽوڪول بابت گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون.